ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ هندوتوا ذهنيت جي فاشسٽ حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تاريخي جاين ۽ ادارن جا نالا تبديل ڪري هڪ مڪمل ثقافتي يلغار شروع

image

اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ هندوتوا ذهنيت جي فاشسٽ حڪومت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڪڌي ڪوششن سان تاريخي جاين ۽ ادارن جا نالا تبديل ڪري هڪ مڪمل ثقافتي يلغار شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو مقصد علائقي جي سياسي تاريخ کي نئين شڪل ڏيڻ آهي. ڀارتيا جنتا پارٽي والاريل ڪشمير جي مڃيل تشخص کي مٽائڻ تي لڳل آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ هن مندرن جي نئين سر تعمير، ڪشميري زبان ۽ تاريخ جي تبديلي ۽ ان کي مسخ ڪرڻ ۽ اهم جاين جا نالا تبديل ڪرڻ سميت ڪيترائي قدم کنيا آهن. ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل ريليشنز پاران جوڙيل هڪ تازه ترين انساني حقن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت 57 بنيادي ڍانچي جي اثاثن جهڙوڪ اسڪولن، پلين ۽ راندين جي اسٽيڊيمز جا نالا ڀارتي فوج جي نالي تي رکڻ جي منظوري ڏني آهي. والاريل علائقي ۾ اسڪولن، ڪاليجن، رستن ۽ عمارتن جا نالا بدلائڻ اهڙي طرح آهي جهڙو ڀارتيا جنتا پارٽي 2014ع کان ڀارت جي ٻين علائقن ۾ ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد مغل اثرن کي مٽائڻ آهي. آڪٽوبر 2019ع ۾ چناني – ناشري ٽنل ڊاڪٽرشياما پرساد مکرجي ٽنل بڻجي وئي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ايريگيشن اينڊ فلڊ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ کي ”جل شڪتي“ کاتي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. 26 جنوري 2020ع تي شير ڪشمير پوليس ميڊلز کي بهادري ۽ شاندار خدمتن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير پوليس ميڊلز جو نالو ڏنو ويو. ڳوٺن ۽ ميونسپل وارڊز جو نالو انڊين آرمي، سينٽرل ريزرو پوليس فورس (سي ار پي ايف) ۽ پوليس جي نالي تي رکي سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڌيڪ تبديليون به ڪيون پيون وڃن جن ۾ گورنمينٽ ڪاليج وومين سرينگر جو نالو تبديل ڪري پروفيسر راض پنجابي ۽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول جواهر نگر جو نالو پروفيسر حميد ڪشميري جي نالي تي رکڻ شامل آهي، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج حيدرپوره جو نالو پدم شري ايوارڊ يافته موتي لال کيمو جي نالي تي رکڻ جي تجويز آهي. لال منڊي روڊ جو نالو ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ يافته شاعر زندهه ڪول يا ماسٽر جي جي نالي تي رکي سگهجي ٿو. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي قبضي کانپوءِ ڀارتي فوج جي شديد ڏاڍ کي منهن ڏنو آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ والاريل علائقي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. هن وقت اٽڪل 10 لک ڀارتي فوجي والاريل ڪشمير ۾ مقرر آهن جيڪي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪشميري اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ آبادياتي تبديلي جي خدشن جو سبب بڻيا آهن. اهو انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين ۽ ڪشميري قيادت جي قيد جي ذريعي حاصل ڪيو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه ڪشميرين کي تمام گهڻيون مصيبتون درپيش آهن. رپورٽ موجب 76 سال گذرڻ کانپوءِ به معصوم ڪشميري عوام اڄ به عالمي برادري ۽ انساني حقن جي علمبردارن خاص طور تي گڏيل قومن طرف ڏسي رهيا آهن ته اهي سلامتي ڪائونسل جي منظور ڪيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں