اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي ??ابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ ج?? سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي ??ابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري ??فاقي وزير محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري ??فاقي وزير اسد عمر، نجڪاري ??اري ??زير محمد ميان سومرو، بحري ??عاملن واري ??فاقي وزير علي حيدر زيدي، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، بجلي بابت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪاري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور پلانٽس قائداعظم ٿرمل پاور پلانٽ، بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ لاءِ پاور پرچيز ا??گر??مينٽ ۽ گئس سپلائي ا??گر??مينٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پي ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري ??يش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماهوار پيداواري ??نصوبو داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، بجلي جو خريدار پنهنجي ض??ورتن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور پرچيز ا??گر??مينٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ا??گر?? مينٽ موجب ماهوار ڊليوري ??لان کي پاور پرچيز ا??گر??منٽ جي ماهوار شيڊول سان جوڙيو ويو آهي، ماهوار پيداواري ??نصوبو(ايم پي پي) تي ايندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پيداواري ??نصوبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي ۽ گئس جي خريد ۽ فڪسڊ بدران حقيقي ض??ورتن موجب خريداري ڪري سگهندا.