اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سان هنگري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي مل??قا?? ڪئي آهي. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي رابطن جي مناسبت ۽ پوٽينشل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏي?? جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيلن جي انتظام، خوراڪ ۽ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو، وز??را??ظم هنگري جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار دوست ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. مل??قا?? ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيشت تي منفي اثرن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وز??را??ظم عمران خان پنهنجي عوام جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ هنگري جي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پر انهن کي معيشت تي ٿيندڙ منفي اثرن کانپوءِ بک جي هٿان مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، وز??را??ظم افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانتسان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي ۽ صرف ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي جو سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.