اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري جي سياست لوڏا کائي رهي آهي، ??ي ڊي ايم کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سياست جي خاتمي جو وقت نظر اچي رهيو آهي، ڪالعدم پارٽي جو رويو ۽ ڪم اسلامي تعليم، آئين ۽ قانون جي ابتڙ هو، انهي لاءِ حڪومت ان پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو، حڪومت وانگر ان ڏس ۾ عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ??ورپي يونين جي قرارداد پاڪستان جي داخلي معامل?? تي اثرانداز نه ٿيندي، ??زيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ناموس رسالت ﷺ تي ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڪهڙي طرح يو اي اي ۾ ويٺل شخص جي نالي تي پارٽي رجسٽرڊ ٿي وئي، ڀارت ۾ اليڪشن مهم جي ڪري ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ وڌيو، اسان جي اليڪشن ڪميشن کي به ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته ضمني اليڪشن ۾ ڪورونا بچاءُ ايس او پيز تي عمل نظر نه اچي رهيو آهي. هو وزيراعظم آفيس ۾ وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته 16 آڪٽوب?? 2020ع تي چونڊ سڌارن جو بل ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويو، ان بل جي 49 مان 40 نقط?? تي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ هو پر ان کانپوءِ مخالف ڌر پاران ان معاملي کي پٺتي وڌو ويو ۽ چيو ويو ته چونڊ سڌارن بابت وزيراعظم پاڻ نه ٿو چوي، ا?? تي وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکيو جنه?? تي اسپيڪر سمورين سياسي پارٽين کي خط لکيو رڳو پيپلزپارٽي نويد قمر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو، (ن) ليگ سميت ٻين پارٽين جواب نه ڏنو، هاڻي سان سول سوسائٽي، ??اءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيسنز، پريس ڪلبنز سميت هر فورم ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ انهن کي مخالف ڌر جي ان اهم معاملي تي غيرسنجيده رويي بابت ٻڌائينداسين.