اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڀڳوڙن ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهن جا ??رجمان ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي ??رتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن، قومي خزاني کي بي دردي سان لٽڻ، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس انهن جو شيوو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت جي دور ۾ ٽي ??يرا ??لڪ ڏيوالي ٿيڻ جي چائنٺ تي پهتو، ٻاهرين ??لڪ قرضن جو بنياد به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رکيو، هميشه چور رستي ??ان اقتدار جي عادت، ٺپا لڳائڻ، ٺپا چوري ڪرڻ ۽ چونڊ عملي کي اغوا ڪرڻ وارن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام ڀائين نٿو پوي. مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ڊونرز جي ڊيٽا ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، پنجن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي فارن اڪائونٽس تائين پهچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، قوي امڪان آهي ته انهن ٻنهي پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ان لاءِ اسان کي پهچ نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پي ايم ڊي اي تي ??ڀني لاڳاپيل ڌرين جا ??دشا ختم ڪنداسين، ماضي ۾ بنا ڪنهن مشاورت جي رات پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو بنياد رکيو آهي.