اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي ??سلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ زندگي مبارڪ تي ??وشني وڌي.
هن چي?? ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ عورتن ۽ ٻارڙين جا ح?? ادا ڪرڻ ۽ انهن جي احترام جو عملي طور تي ??رس ڏنو ۽ هن معاشري ۾ باعزت ۽ باوقار مقام ڏنو. هن چي?? ته اسان کي حضور ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چي?? ته عورتن جي وراثتي ??قن جي حوالي سان الله تعاليٰ واضح حڪم ڏنا آهن، پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جا قانون موجود آهن. اسان جي ذميداري ??هي ته انهن قانون جي عملدرآمد جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا3 دعا گهري وئي.