اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست ??ي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو و??و ته د??شتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته مون کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون ت??ت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن رياست ??ي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪندي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.