اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ?? مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت ??اص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڪميٽي ان عزم کي ??رجايو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ??يڪا مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي، قانون جي حڪمراني جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي ۽ ڪنهن به شخص کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي ۽ ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي، اصولن تي ڪو ٺا??ه نه ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪور ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ?? مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت ??اص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو. ڪور ڪميٽي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪرڻ جو مقصد قانون جي حڪمراني (رول آف لاء) کي ??ائم ڪرڻ ۽ هر شخص کي انصاف جي فراهمي هو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت ??نهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ??رجايو ويو ته ڪنهن به شخص يا شخصيت کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان ڇو نه هجي. ان حوالي سان ڪور ڪميٽي ان ڳالهه کي ??رجايو ته پارٽي جي بنيادي اصولن جي آبياري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي ??يندي ۽ اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺا??ه نه ڪيو ويندو، ڀلي ان جي ڪا به قيمت ڇو نه هجي.