پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوالي سا?? ملڪ ۾ جاري سا??وڻي دوران ??يلن جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دوري جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دوران ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ماحوليات ۽ ٻيلن وارو صوبائي وزير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ماحوليات ۽ ٻيلن وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان ??وقعي تي سا??وڻي جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ سا??وڻي دوران ??ڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سا?? موثر مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان ??ڌ علائقن کي ٻيلن جي دائري ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن جي وڊيوز اپ لوڊ ??رڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين عام ماڻهو حڪومت جي ڄاڻايل منصوبي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن چيو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن تي خصوصي دستاويزي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ??يون وڃن ته جيئن عوام کي سا??وڻي دوران ??ڏي پئماني تي ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن چيو ته اه?? حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين جيڪا پنج سا?? پهرين بنجر هئي اڄ حڪومتي ڪوششن ۽ جدوجهد سا?? سرسبز ۽ شاداب بڻائي وئي آهي، هن چيو ته گرين پاڪستان ??هم تحت کنيل قدم، ٻيلن جي وڊيو اپ لوڊ ??رڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين تي وڌ کان ??ڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏيندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان کي جاري سا??وڻي مند دوران ??ڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي منصوبي جي ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ جلد ئي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دوران کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو دورو ڪرايو ويندو جتي حڪومتي منصوبي تحت وڻڪاري ڪئي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت لڳايل ٻيلن ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي وئي آهي.