اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) سيفران واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته گ??رو وزير بدران افغان انتظاميه منظور پشتين کي طاهر داوڙ جي ميت ڏيڻ جي لاءِ تيار هئي، ميت حوالگي جي وقت پاڪستان جي جهنڊي سان جيڪو ڪجهه ٿيو يا پاڪستان جي حوالي سان جيڪي ريمارڪس ڏنا ??يا اهي هتي بيان نٿا ڪري سگهجن، مخالف ڌر ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي ذريعي سمورا تفصيل حڪومت کان طلب ڪري سگهي ٿي، ان م??ئلي تي سياست نه ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دورا?? طاهر داوڙ جي اغوا ۽ ان کانپوءِ کيس قتل ڪرڻ جي حوالي سان خرم دستگير جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو ته بدقسمتي سان م??ضي ۾ هڪ نئون قانون بڻايو ويو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ پختون کي 1979ع کان پهرين جي ملڪ ۾ موجود هجڻ جا ثبوت فراهم ??رڻا آهن.