اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي جلد تڪميل لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ سان خطي جي قسمت بدلجڻ ۽ خطي ۾ خوشحالي جو نئون باب کلندو. وزيراعظم تازو ئي گوادر ج?? دوري ۾ اربين روپين جي منصوبن جو اعلان ڪيو، سي پيڪ جي خلاف مخالفن جي پروپيگنڊا کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستاني ميڊيا جو ڪر??ار واکاڻ جوڳو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”بيلٽ ۽ روڊ جي حصيدارن ۾ ڪراس ريجنل ميڊيا فيوزن“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئ??.