 
          اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هلال ا??مر سوسائٽي پاڪستان (پي آرسي ايس) کي هدايت ڪئي آهي ته ڪورونا سب?? متاثر ماڻهن کي طبي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي دائري ڪار ۾ وڌيڪ اضافو ڪري. هن ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هلال ا??مر، صحت واري قومي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي وچ ۾ رابطا موثر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن اهي هدايتون ايوان صدر ۾ هلال ا??مر سوسائٽي جي چيئرمين ابرار الحق سان ملاقات دوران ڏنيون.