??اه??ر – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان فيصل آباد سان تعلق رکندڙ قومي اسي??بل?? ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز، صلاحڪار مرزا ??هز??د اڪبر ۽ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسي??بل?? ميمبرن ۾ چوڌري محمد عاصم نذير، نواب شير وسير، رضا نصرالله گهمن، خرم ??هز??د، فرخ حبيب، فيض الله ۽ راجا رياض احمد شامل هئا. قومي اسي??بل?? ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هنن وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال کان آگاهه ڪندي ان وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن ڪورونا وائرس جي وبا دوران موثر ڪارڪردگي تي فيصل آباد انتظاميا کي پڻ ساراهيو.