لاهور – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر، خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو ??يئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جو ??يئرمين راشد عزيز ۽ سينئر سرڪاري آفيسر ??ريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي چيئرمين اجلاس کي منصوبي جي ٽائم لائنز، منصوبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي گهري دلچسپي، انفرااسٽرڪچر جي حوالي سان ريگوليشن ۽ تنظيمي معاملن تي تفصيلي ب??يف??گ ڏني.