اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان سان گڏوگڏ خطي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) گيم چينجر ثابت ٿي??دو?? ان منصوبي ۾ روڊ، ريل جو نظام، سامونڊي بندرگاهون، تيل ۽ گئس پائيپ لائين، آپٽيڪل فائبر وڇائڻ، خصوصي اقتصادي زونز، سرحد پار واپار ۽ تعاون جا مرڪز ۽ آزاد واپاري معاهدا شامل آهن، سي پيڪ منصوبي سان پاڪستان ۽ چين ٻئي فائدو کڻي سگهندا، سي پيڪ سان مجموعي طور تي 2.3 ملين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان جي ڊي پي ۾ ساليانو 2.5 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿي??دو?? پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پنهنجي پهرين مرحلي 20 – 2015ع ۾ ذڪر جوڳي ترقي آهي. هو پائيدار ترقي جي هدفن بابت نيشنل پارلياماني ٽاسڪ فورس (ايس ڊي جيز) ?? سينيٽ جي قومي اتحاد بابت خصوصي ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ ??ئلينجن ۽ موقعن تي قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.