 
          اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 8487 ارب رپيا آهي جيڪو گذريل سال جي 7136 ارب رپي?? جي بجيٽ کان 19 سيڪڙ?? وڌيڪ آه??، نئين مالي سال ۾ زراعت ??ي لاءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙو ۽ خدمت?? جي شعبي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابط?? جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ هن چيو ته هلندڙ سال زرعي شعبي ۾ ر??ارڊ ترقي ٿي آهي ۽ آبادگار?? جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت ايندڙ مالي سال جي لاءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.