اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد جو پابند آهي، پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، تحريڪ انصاف سد??ئين ا??هن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڇو پرڏيهي پاڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي پاڪستان جي معيشت کي ??دلائي ڇڏيو آهي، 90 س??ڪر?? مٽاسٽا جو ناڻو 500 ڊالر کان گهٽ رقم جو آهي، ا??هن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي ا??هن جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي ??ريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.