اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پنهنجي لاڳاپ?? کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ وڌائڻ جي ض??ورت آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير ڊ??ڪٽر فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان عراق جي نئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاو?? کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ض??ورت آهي. هن عراقي پرڏيهي وزير کي چيو ته هو پاڪستاني زائري?? کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صد?? عراقي پرڏيهي وزير کي اهو به ٻڌايو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمان?? کي ڀارت پاران بدترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي?? کي روڪي ۽ ڪشميري?? کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عراقي پرڏيهي وزير ڊ??ڪٽر فواد حسين چيو ته عراق پاڪستا?? کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪستان سان تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صد?? کي آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائري?? کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عراقي سفارتڪار?? کي تربيت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران پاڪستان جي عوام ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.