اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بر??انيه جي پرڏي??ي وزيرن ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل ??لچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ۽ بر??انوي پرڏي??ي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏي??ي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ افغانستان بابت خاص نمائندي سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمد، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏي??ي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏي??ي وزير بر??انوي پرڏي??ي وزير کي وفد سميت پرڏي??ي وزارت آمد تي سندن آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته توهان جو هي دؤرو اهڙي تاريخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن افغانستان جي صورتحال اهم تاريخي موڙ تان گُذري رهي آهي. هن چيو ته 16 آگسٽ ۽ 27 آگ??ٽ تي به توهان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. وزيراعظم عمران خان ۽ بر??انيه جو وزيراعظم بورس جانسن وچ ۾ پڻ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏي??ي وزير بر??انوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏي??ي وزيرن سان ٿيل ??ازن رابطن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل ??مورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، اطمينان جوڳي ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران رتوڇاڻ ناهي ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته طالبان قيادت طرفان معام معافيءَ جو اعلان، حقن جو تحفظ ۽ افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ حوصلو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو هڪ سونهري ۽ تاريخي موقعو آهي. عالمي بر??دريءَ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيل ??لطين مان سبق سِکندي افغانستان جي انساني ۽ مالي معاونت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران، پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته اسان ان نازڪ موقعي تي امن مخالف قوتن ”اسپائيلرز“ تي به ڪڙي نظر رکون ٿا جيڪي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جو حامي آهي، افغانستان ۾ امن پوري خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل ??ڪمت عملي جوڙڻ ۾ خطي جي پاڙيسري ملڪن جو دؤرو ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جي قيادت سان ٿيل ملاقاتون حوصلو ڏيندڙ ۽ نفعي بخش رهيون. پاڪستان 24 ملڪن جي سفارتي عملي، شهرين ۽ عالمي ادارن جي اهلڪارن ??ي ڪابل مان سندن ملڪ آڻڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بر??انيه افغانستان جي موجوده صورتحال تي لڳاتار رابطي ۾ آهن. بر??انوي پرڏي??ي وزير ڪابل مان بر??انوي شهرين ۽ سفارتي عملي کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ معاونت تي پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل ??لچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا. بر??انيه طرفان پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي آهي، اسان کي اميد آهي ته بر??انيه انگن اکرن ??ي سامهون رکندي پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو.