اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي، افغانستان جي صورتحال، غريب ملڪن مان ڦريل دولت ۽ ماحوليات بابت تفصيلي ۽ دليلن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وزيراعظم جي ورچوئل خطاب کي ساراهيندي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي خطاب جا چار بني??دي موضوع هئا، وزيراعظم انهن چئن موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم عم??ان خان دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. وزيراعظم دنيا کي باور ڪرايو ته ڪهڙي طرح ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي ي مودي جي فاشسٽ حڪومت اقلي??ن جو قتلام ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان پنهنجي خطاب ۾ نه رڳو پاڪستان، خطي پر عالمي دنيا کي درپيش چئلينجز جو بهترين احاطو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم دنيا کي ٻڌايو ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته اهو خطي ۽ پوري دنيا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم باور ڪرايو ته غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ٿيڻ سان امير مل??ن جي خلاف نفرت پيدا ٿي رهي آهي. چوڌ??ي فواد حسين چيو ته وزيراعظم موسمياتي تبديلي سان هن زمين کي لاحق خطرن جي لاءِ پ??هنجي عالمي ذميوارين جي ڏس ۾ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان حڪومت پا??ان 10 بلين ٽري سونامي ذريعي پاڪستان ۾ ٻيهر ٻيلا پوکڻ، قومي ماحول کي تحفظ ڏيڻ، شهرن ۾ آلودگي جي خاتمي جي لاءِ قدمن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چئني موضوعن تي تمام تفصيلي ۽ جاندار دليلن سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، پوري قوم وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي ۽ پورو پاڪستان عم??ان خان جي پٺيان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي.