اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي شهر فيصل آباد ۽ چين جي شهر چن?? دائو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. جمعي تي ان حوالي سان تقريب من??قد ٿي جنهن ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب، پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، چين جي شهر چن?? دائو جي ميئر زائوهائوزي ۽ فيصل آباد جو ڪمشنر شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، سسٽر سٽي جو ميئر، ٻنهي ملڪن جي عملدارن کي ان تقريب ۾ شرڪت تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري من??وبو (سي پيڪ) فليگ شپ من??وبو آهي، پاڪستان هر عالمي فورم تي چين سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. هن چيو ته منهنجي دعوت تي چين جي اڳوڻي سفير ياهو جنگ فيصل آباد جي ٻن ڏينهن جي دوري ۾ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، زرعي يونيورسٽي جو دورو ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو بڻيو جنهن جو مقصد ٻه طرفي تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، انهي دوري جي دوران منهنجي درخواست تي سسٽر سٽي معاهدي تي ڪم جو آغاز ٿيو ۽ موجوده چيني سفير نونگ رونگ ان من??وبي کي عمل جامو پارايو، هن چيو ته فيصل آباد صنعتي شهر آهي جتي بهترين روڊ انفرااسٽرڪچر، زرعي زمين ۽ علامه اقبال اقتصادي زون آهي، فيصل آباد شهر سان سسٽر سٽي معاهدي تي پاڪستان ۽ چين ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير، ميئر ۽ ميونسپلي عملدارن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.