اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي ??ن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ پيدا??ار حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضروري کاڌي پيتي جي شين جي پيدا??ار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پرائيم منسٽر ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکيا آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي مد ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پيدا??ار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي مارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کنيا آهن ته جيئن مختلف ضروري شين جي پيدا??ار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ته ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هلندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيدا??ار حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪمند جي پيدا??ار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. چانورن جي پيدا??ار جو ڳاڻيٽو 8.84 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مڪئي جي پيدا??ار جو ڳاڻيٽو 9 ملين ٽن، مڱيرا 268 هزار ٽن آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ ترتيب??ار 27 ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بصر جي پيدا??ار ??ن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت ضروري شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جيئن قيمتون مستحڪم رهن.