رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان افغان عوام جي مدد لا??ِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لا??ِ انتهائي اهم آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لا??ِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن افغانستان جي تازي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمر??ن خان پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لا??ِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمر??ن خان زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لا??ِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لا??ِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. وزيراعظم افغان عوام جي مدد لا??ِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ولي عهد چيو ته هو پاڪستان سان پنهنج?? لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وزيراعظمن مختلف شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي م??او??ت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمر??ن خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ولي عهد جلد پاڪستان جي دوري جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23