اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان ميئر پشاور جي ??ون??ن ۾ رد ڪيل 23113 ووٽن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهن چونڊن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته تبديلي جا مخالف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڇو ٿا ڪن، چونڊ نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان پي ??ي آ??ِ جي اميدوار کان کٽيو پر انهن چون??ن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ??ري رد ووٽن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته 2013ع جي ??ونڊن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته تبديلي جا مخالف انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته اهي مخالف ووٽن کي رد ڪرائي چون??ن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ نتيجا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن موجب جي يو آءِ (ف) جي اميدوار انهن چون??ن ۾ 63610 جڏهن ته پي ??ي آ??ِ جي اميدوار 51523 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان کٽيو پر انهن چون??ن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي.