اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي ??در رمضان ڪادروف گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت وزيراعظم عمران خان جي م??قف کي ساراهيندي چيو آهي ته روس جا مسلمان کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي نالي پنهنجي ??ط ۾ چيچنيا جي ??در چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي فورمز تي پنهنجي ??ين بابت توهان جي م??قف تي ٿورن جي ??ظهار لاءِ هو ذاتي طور تي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ بي تاب هو، چيچن صدر تازي روس جي ??وري دوران وزيراعظم سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي عزت ۽ احترام“ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. صدر ڪادروف چيو ته هو روس ۾ وزيراعظم جي لاءِ هر طرح جي ??دمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي پنهنجي فرض شناس ۽ فرمانبردار انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي ??ين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اسان هر طرح جي ??دمت لاءِ حاضر آهيون، اسان توهان کي روس جي ??يندڙ دوري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.