اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۽ نائيجيريا جي وچ ۾ دفاع، سيڪيورٽ?? ۽ ??هشتگردي جي خاتمي وارن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفو تعاون واکاڻ جوڳو آهي، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخي قرارد??د جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظوري سان ن??ل پرستي ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جو خاتمو ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب نائيجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي ميگاشي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ قدرن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي کي ساراهيو. آفريقا ۾ مارچ 2020ع کان ن??ئيجيريا جي معيشت جي ٽاپ پوزيشن سنڀالڻ تي واکاڻ ڪندي ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم دفاع، سيڪيورٽ?? ۽ ??هشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون کي به ساراهيو. گڏيل قومن جي امن مشنز جي اهتمام هيٺ آفريقا ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان ??ي پراڻي خدمتن ۽ حصيداري کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ”انگيج آفريقا“ جي پنهنجي پاليسي کان ??گاهه ڪيو جنهن جو مقصد سفارتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ آفريقا کنڊ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي، وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي ازالي جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي تاريخي قرارد??د جي متفقه منظوري کي ساراهيندي چيو ته جنرل اسيمبلي پاران ??ن ازالي کانپوءِ نسل پرستي، امتياز ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جي خاتم?? ۽ ??ين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي نائيجيريا جي صدر محمد بخاري سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو جلد کان ??لد موقعو ملڻ تي پاڪستان ۾ سندس آجيان ڪندا.