اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين عالمي سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي ۽ بي اعتمادي رٿ جهڙن عملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪمي??ن قائم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. قانون واري وزارت جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ اط??اعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪمي??ن قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا. اها ڪميشن عالمي سازش جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. قانون واري وفاقي وزير اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ درجنين ليگل آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمورن آفيسرن کي پنهنجا فرض بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي.