فلسطيني عوام اسان طرف ڏسي رهي آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني

image

جده – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته فلسطيني عوام اسرائيلي وحشياڻي جارحيت کي منهن ڏيندي پنهنجي مصيبتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ اسان طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستاني عوام مظلوم فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جي لاءِ گڏ بيٺل آهي، اسرائيل پاران طاقت جي اجائي ۽ انڌاڌنڌ استعمال سان غزه جي پوري آبادي سميت عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي اجتماعي طور تي سزا ڏني پئي وڃي، اها صورتحال حقيقت ۾ هڪ تباهي آڻيندڙ انساني بحران آهي، اسان کي تڪرار ۾ سمورن شهرين جي جانين جي زيان تي افسوس آهي، فلسطيني ٻارن جي هڪ وڏي انگ ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ خاص طور تي افسوسناڪ آهي، موجوده تڪرار جو ڪو به جواب گڏيل قومن جي قراردادن تي ٻڌل هجڻ گهرجي جيڪو فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ القدس الشريف سميت فلسطيني علائقن تي اسرائيل جي غيرقانوني قبضي جي خاتمي کي تسليم ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريان ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪريان ٿو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هي غزه ۾ شهرين جي خلاف هڪ مسلسل، غيرمتناسب ۽ ظالماڻي فوجي مهم جو يارهون ڏينهن آهي، غزه جي پٽيءَ جو فوجي گهيراءُ ڪيو ويو آهي، بجلي، پاڻي ۽ انساني امداد جا سمورا رستا ڪاٽيا ويا آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان غزه ۾ شهرين تي مسلسل هوائي حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اڳ ۾ ئي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي وڏي پئماني تي هنگامي لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته شهري انفراسٽرڪچر، طبي خدمتن، تعليمي ادارن ۽ طبي ڪارڪنن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو جيڪو عالمي انساني قانون جي سمورن اصولن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ هٿياربند ٽڪراءُ جي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته استثنيٰ سان گڏ عالمي قانونن جي پابندي ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي، حقيقت اها آهي ته ان تباهي کي رڪارڊ ۽ فخر سان نشر ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪنهن به پڇتاءُ يا جنگي ڏوهه طور تي ڪيس هلائڻ جو خوف ناهي هوندو جيڪو خاص طور تي پريشان ڪندڙ آهي، اهڙي طرح جي واضح ناانصافي کي روڪڻ ۽ انساني حقن کي برقرار رکڻ ۾ عالمي نظام جي ناڪامي آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته هن سال جي شروع کان ئي فلسطينين جي خلاف اسرائيلي ظلمن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري مسجد اقصيٰ ۾ لاڳيتو دراندازي، نمازين جي خلاف تشدد ۽ فلسطيني علائقي تي غيرقانوني يهودي بستيون تيزي سان وڌي رهيون آهن. هن چيو ته ان تازه ترين تشدد جو بنيادي سبب فلسطين تي ڊگهي ۽ غيرقانوني قبضي ۽ فلسطينين جي زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضي ۽ انهن سان ڏاڍ، نسلي امتياز ۽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزيون آهن، اسرائيل فلسطينين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي بي عزت، غيرانساني رويئي جو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ بي دخل ڪري رهيو آهي، موجوده تڪرار جو ڪو به جواب گڏيل قومن جي قراردادن تي ٻڌل هجڻ گهرجي جيڪو فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ القدس الشريف سميت فلسطيني علائقن تي اسرائيل جي غيرقانوني قبضي جي خاتمي کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته حملي آور ۽ متاثرين جي وچ ۾ غلط برابري پيدا ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش بيهوده هوندي، غيرملڪي قبضي ۾ ماڻهن جي خودمختياري ۽ قومي آزادي جي لاءِ جدوجهد عالمي قانون تحت جائز آهي، ان جدوجهد کي دهشتگردي سان تشبيهه ڏيڻ اصل مسئلي کي ”گئس لائٽنگ“ ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار عدم استحڪام جي بنيادي سبب کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪرڻ جي برابر هوندو، اسان غزه ۾ فلسطينين کي خوراڪ، پاڻي، دوائن، ٻارڻ ۽ ٻئي ضروري سامان جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ انساني همدرديءَ جا لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن کي انهن ڪوششن ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان مصر، گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ملڪن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا ۽ او آءِ سي جي سمورن ميمبر ملڪن ۽ وسيع تر عالمي برادري کان غزه ۾ فلسطينين جي لاءِ هنگامي بنيادن تي سامان جي فراهمي جو مطالبو ڪريون ٿا، سدائين وانگر پاڪستان ان ڪوشش ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جنگبندي کي فروغ ڏيڻ ۽ غزه ۾ ٿيندڙ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ واپس آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، او آءِ سي کي گهرجي ته اها سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي قرارداد جو مسودو پيش ڪري ۽ ان کي منظور ڪرڻ جي خاهش سمورن هم خيال ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري. هن چيو ته اسان کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب ٻه رياستي حل حاص ڪرڻ کي مهفوظ بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع ۽ شفاف امن عمل جي جلد کان جلد بحالي تي زور ڏيڻ گهرجي، ان ڊگهي تڪرار جو حل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ محفوظ، قابل عمل، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ ۾ آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف آهي، ان تڪرار ڪيترين ئي جانين جي زيان ۽ پوري خطي جي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي اسرائيل کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته هو والاريل فلسطيني علائقن ۾ سمورين غيرقانوني بستين کي روڪي ۽ يروشلم سميت فلسطيني ملڪيتن تي قبضي ۽ مسجد اقصيٰ جي احاظي ۾ لاڳو غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي خودمختياري جي حق سان گڏوگڏ غزه ۾ جاري جارحيت ۽ ٻارن سميت شهرين جي جاني نقصان ۽ عالمي قانون، انصاف ۽ انساني حقن جي تحفظ جي اصولن جي لاءِ ثابت قدمي سان هڪ متفقه ردعمل پيش ڪرڻ جي لاءِ مسلمان دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي.

مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں