پاڪستان ٽيليويزن ملڪه ترنم نورجهان جي 23 هين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پهرين ڊسمبر کان 23 ڊسمبر 2023ع تائين روزانو رات جو 11 وڳي ملڪه ترنم نورجهان جو هڪ گيت نشر ڪندي: مرتضيٰ سولنگي

image

اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن ملڪه ترنم نورجهان جي 23 هين ورسيءَ تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي پهرين ڊسمبر جمعي ڏينهن کان 23 ڊسمبر 2023ع تائين روزانو 23هين ڪلاڪ، رات جو 11 وڳي ملڪه ترنم نورجهان جو هڪ گيت نشر ڪندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪه ترنم نور جهان کي اسان کان وڇڙي 23 سال گذري ويا آهن، 23 هين ورسيءَ تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ملڪه ترنم نور جهان جي 23 هين ورسيءَ تي پهرين ڊسمبر جمعي کان 23 ڊسمبر تائين سندس هڪ گيت روزانو رات جو 23 هين ڪلاڪ رات 11 وڳي نشر ڪندي.

مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں