اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران آزاد واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ گڏيل اقتصادي منصوبن، گڏيل سرحدي منڊيون قائم ڪرڻ، اقتصادي فري زونز جي ذريعي ۽ نئين سرحدن کي کولي پنهنجي ٻطرفي واپار کي ايندڙ 5 سالن ۾ 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن پرڏيهي وزير امير عبداللهيان، ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن سميت هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 22 کان 24 اپريل تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. ٻنهي ملڪن گڏيل سرحد کي ”امن جي سرحد“ کان ”خوشحالي جي سرحد“ ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪندي توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي دوري جي پڄاڻي تي پرڏيهي آفيس پاران جاري گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين هڪ ڊگهي مدي واري پائيدار اقتصادي حصيداري ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل علائقائي اقتصادي ۽ رابطن جي ماڊل خاص طور تي ايران جي سيستان بلوچستان ۽ پاڪستان جي بلوچستان صوبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين پاڪستان ايران ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ايران علمي، ثقافتي ۽ سياحتي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۽ تاريخي مذهبي جاين جي سياحت کي فروغ ڏئي ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ، يرغمال بڻائڻ، مني لانڊرنگ ۽ اغوا جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي سياسي، فوجي ۽ سيڪيورٽي عملدارن جي وچ ۾ باقاعده تعاون ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين آزاد واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي تيزي سان حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ سالياني ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) ۽ جوائنٽ بزنس ٽريڊ ڪميٽي (جي بي ٽي سي) جي ايندڙ اجلاسن سان گڏوگڏ گڏيل اقتصادي ڪميشن (جي اي سي) جي ڳالهين جي 22 هين دور کي جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. بيان موجب هنن اقتصادي تعاون کي تيز ڪرڻ جي لاءِ اقتصاسدي ۽ فني ماهرن کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وفدن جي باقاعده مٽاسٽا جي سهولت فراهم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٽي آءِ آر تحت ريمدان بارڊر پوائنٽ کي عالمي سرحدي ڪراسنگ پوائنٽ قرار ڏيڻ ۽ باقي ٻه بارڊر مارڪيٽُون کولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اقتصادي ۽ واپاري سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ بارڊر ٽريڊ مڪينزم کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ خاص طور تي جاري تعاون جي ڪوششن تحت بارڊر اسٽيننس مارڪيٽس تي اتفاق راءِ ڪيو ويو، رابطي جي حوالي سان ڌرين ٽي آءِ آر ڪنوينشن تحت سامان جي باقاعده پهچ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ موثر، تيز رفتار ۽ رڪاوٽن کان پاڪ واپار جي لاءِ ڪنوينشن کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن گڏيل سرحد کي ”امن جي سرحد“ کان ”خوشحالي جي سرحد“ ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪندي توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ بجلي جي پهچ ۽ ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبو شامل آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبرن جي طور تي رابطي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو ۽ گوادر ۽ چاهه بهار بندرگاهن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي سمورين شڪلين ۽ مظاهر جي مذمت ڪندي ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون تي ٻڌل موقف اختيار ڪرڻ ۽ خطري کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ موجوده ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم خاص طور تي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي مڪمل پاسداري ڪندي ميمبر ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي اصول مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو. بيان موجب علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو نوٽيس وٺندي ٻنهي ڌرين گڏيل چئلينجن جو گڏيل طور تي قابل قبول حل ڳولڻ جي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ڪشمير مسئلي کي هن خطي جي عوام جي مرضي ۽ عالمي قانون موجب ڳالهين ۽ پرامن طريقن سان حل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هنن فلسطيني عوام جي خلاف جاري اسرائيلي حڪومت جي جارحيت ۽ ظلمن جي شديد ۽ واضح مذمت ڪندي فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه جي محصور عوام تائين بنا روڪ ٽوڪ انساني پهچ، بي گهر فلسطينين جي واپسي سان گڏوگڏ اسرائيلي حڪومت پاران ڪيل ڏوهن جي احتساب کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو. ٻنهي طرفن ايس سي او جي سموري مڪينزم ۾ ويجهي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کي ٺوس ڪرڻ جي لاءِ ايس سي او – افغانستان رابطا گروپ جي سرگرمين کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن اي سي او جي فريم ورڪ جي اندر علائقائي ملڪن جي وچ ۾ فعال تعاون تي پڻ زور ڏنو. بيان موجب پاڪستان ۽ ايران دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خطرن کان پاڪ هڪ پرامن، متحد ۽ خودمختيار رياست جي طور تي افغانستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي وجود سان علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي سنگين خطرو هجڻ جو ذڪر ڪندي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي تي تعاون وڌائڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف متحد ٿي محاذ تيار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. صدر رئيسي صدر آصف علي زرداري، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين هڪ ٻئي جي قيدين جي آزادي ۽ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڏوهارين ۽ جوابدارن جي حوالگي جي معاهدي جي بنياد تي هڪ ٻئي جي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ انهن جي حوالگي ۽ ڏوهارين جي منتقلي جي معاهدي تحت قدم کڻڻ جي معاهدي جو اظهار ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن پاران 1960ع ۾ منظور ڪيو ويو هو جڏهن ته ڏوهارين جي منتقلي جي معاهدي جي ٻنهي ملڪن 2016ع ۾ منظوري ڏني هئي. ڌرين دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان کي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي سان گڏوگڏ 1961ع جي سفارتي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت غيرقانوني قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي مهم جوئي ۽ ان جي پاڙيسرين تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي غيرقانوني قدم کان روڪي. پاڪستان ۽ ايران ڪجهه ملڪن ۾ اسلامو فوبيا، قرآن پاڪ ۽ مقدس نشانن جي بي حرمتي جي وڌندڙ واقعن جي مذمت ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد 78/264 کي ”اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي قدمن“ جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ جلد کان جلد اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي مقرري جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ابراهيم رئيسي گڏيل قومن، اي سي او، ايس سي او، او آءِ سي، ڊي ايٽ آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن، ايشيا ڪوآپريشن ڊائيلاگ (اي سي ڊي) ۽ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس سميت ٻين گهڻ رخي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سمورن رخن جي آجيان ڪئي. هن اي سي او ۾ آزاد واپار تي ڳالهيون شروع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. بيان موجب صدر رئيسي لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀريندي علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڪراچي ۾ هن مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن ڪراچي ۾ ٻنهي ملڪن جي واپارين جي هڪ وڏي اجلاس کي پڻ خطاب ڪيو. صدر رئيسي پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم کي ايران جي سرڪاري دورن جي دعوت پڻ ڏني.