بلاول ڀٽو زرداري پاران بنون ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت

image

ڪراچي- 20 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي حملي جي نتيجي ۾ 12 جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن سان وڙهندي شهادت جو درجو حاصل ڪندڙ جوان بهادر سپوت هئا. هن چيو ته پ پ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي جدوجهد ۾ هٿياربند فوج سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيدن لاءِ بلند درجن جي دُعا ڪريان ٿو ۽ سندس وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان.

مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں