وزيراعظم پاران کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي نشاندهي ڪندڙ ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين لاءِ 50 لک روپيا انعام جو اعلان

image

اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي نشاندهي ڪندڙ ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کي 50 لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان
متعلقہ مضامین
مزید خبریں