وزيراعظم پاران پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار

image

اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي توانائي واري وزير دلبر جمعه جيڪو پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پنهنجي تاجڪستان جي دوري ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمان سان رياض ۽ باڪو ۾ پنهنجي تازين ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم تاجڪ صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان جو صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. تاجڪستان جي وزير پاڪستان ۾ استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطي جا ٻيا منصوبي پڻ بحث هيٺ آيا. ڌرين مواصلات خاص طور تي زميني رابطن، توانائي، تعليم، زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سيڙپڪاري ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں