صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان يونان ويجهو ٻيڙي جي حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

image

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري يونان ويجهو ٻيڙي جي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ ڪڌو عمل آهي، ماڻهو پنهنجن پيارن جي جان وڃائي ويهندا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي تعزيتي بيان ۾ صدر مملڪت انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي صبر جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں