اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي عوامي ”احساس“ جو دائرو مسلسل وڌي رهيو آهي، احساس پروگرام هاڻي ليه ۾ شروع ڪيو پيو وڃي، احساس آ??دن پروگرام مان پوئتي پيل علائقن جي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ٿيندي، انهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ احساس هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته احساس صحتمند ۽ روشن ??عاشري جو بنيادي عنصر هوندو آهي، اهو پروگرام محروم ۽ پوئتي پيل طبقن سان وزيراعظم عمران خان جي محبت، وابس??گي ۽ همدردي جو ثبوت آهي.