اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته خالد مقبول صديقي جي وفاقي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي ڪئي آهي جڏهن ته نئين وزيرن کي پڻ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيد فخر امام کي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير، مخدوم خسرو بختيار کي اقتصادي ??عا??لن وارو وفاقي وزير، حماد اظهر کي صنعت وارو وفاقي وزير، اعظ?? سواتي کي منشيات جي خ??تم?? وارو وفاقي وزير، ڊاڪٽر بابر ??عواڻ کي پارلياماني ??عا??لن وارو صلاحلڪار ۽ امين الحق کي ٽيلي ڪميونيڪشن جي وفاقي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن.