اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هي ??ڪ ٻئي تي تنقيد جو نه پر گڏجي ويهي ملڪ مان ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي فراهمي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺ?? رهيو آهي ۽ 13 اپريل تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي مشاورت سان اڳتي جي حڪمت عملي ب??بت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتون ڪر?? رهيو آهي، حڪوم?? جي ڪوشش آهي ته متوازن فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن وبا مان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ ملڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ڪورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي مدد ب??بت به فيصلا ڪرڻا آهن.