اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آ??ي ته ڀارت سدائين پاڪستان کي سفارتي اڪيلائي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ان کي ناڪامي ٿي، اسان دوست ملڪن سان لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي ٺاهي، ڏکڻ ايشيا جا سموراملڪ ڀارت جي توسيعي پسنداڻي اراد?? جو شڪار آهن، چين سان حصيداري کي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چين پاڪستا?? جو پراڻو آزمايل دوست آهي، راهداري جي ٻي مرحلي ۾ غربت جي خاتمي ۽ زرعي ترقي کي شامل ڪيو ويو، گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لا??ِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. آفريقي ملڪن سان واپاري لاڳاپ?? جو نئون دور شروع ٿيو آهي، وزيراعظ?? عمران خان ڪورونا جي صورتحال ۾ قرضن ۾ رليف لا??ِ عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو آهي، اڄ پوري دنيا افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ??ثب?? ڪردار جي واکاڻ ڪري ٿي، پوري دنيا افغان مسئلي جي سياسي حل کي ترجيح ڏئي رهي آهي، اميد آ??ي ته ان جا ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا، هر عالمي فورم تي پاڪستان ۽ ڪشمير جو موقف پيش ڪيو آهي، حڪومتي ڪوششن سان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، وزيراعظ?? عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي عالمي فورمز تي اٿاريو آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ خيال?? جو اظهار ڪري رهيو هو.