اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آه?? ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن تي پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آه??. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪستان کي ڏنل پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سياسي پارٽي يا اڳواڻ ٺاهه نٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪستان جي تذويراتي پاليسين س??ن جڙيل آه?? ۽ اهي پاڪستان جو بنياد ۽ نظريي جي لاءِ ضروري آه??. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن س??ن گڏ بيٺل آه?? ۽ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مس??لو هر فورم تي اٿاريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي لاءِ آواز بل??د ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.