ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??سان بلوچستان جي هر علائقي خاص طور تي ڏکڻ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين، اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح پوئتي پيل طبقن جي ڀل??ئي ۽ پوئتي پيل علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي آهي. هو هتي بلوچستان جي صوب??ئي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊ????ي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ملاقات ۾ شريڪ هئا.