نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو

image

اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪندو ۽ انهن سان گڏ هڪ سيشن ۾ خصوصي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنجاب جي وڏي وزير سان به ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم رنگ روڊ جي ڏاکڻي حصي ۽ شاهدره فلائي اوور جو جائزو به وٺندو. نگران وزيراعظم ميو اسپتال لاهور جو دورو پڻ ڪندو.

مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں