سال 2024ع جي عام چونڊن جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن کي معمولي نوعيت جون 76 شڪايتون مليون: مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر اسلام آباد جو انچارج

image

اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر اسلام آباد جي انچارج چيو آهي ته سال 2024ع جي عام چونڊن جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن کي معمولي نوعيت جون 76 شڪايتون مليون جن کي فوري طور تي حل ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي انچارج مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر اسلام آباد هارون شنواري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ جي عمل کان اڳ تائين اليڪشن ڪميشن کي 76 شڪايتون مليون جن کي فوري طور تي حل ڪيو ويو. شڪايتون معمولي نوعيت جون هيون. جن ۾ ڪارڪنن جي پاڻ ۾ هلڪي منهن ماري جون هيون جن تي موقعي تي ئي ضابطو آندو ويو هو ۽ پولنگ جاري ڪرائي وئي .

مضمون کا ماخذ : Raging Rhino
متعلقہ مضامین
مزید خبریں