ڪمشنر ڪوئيٽا جو مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو، چونڊ عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو

image

ڪوئيٽا – 08 فيبروري (اي پي پي) ڪمشنر ڪوئيٽا حمزه شفقات عام چونڊن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ شهر جي مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. ڪمشنر ڪوئيٽا پولنگ اسٽيشنز ۾ چونڊ عمل، سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو. هن چيو ته شهر ۾ پولنگ جو عمل اطمينان بخش آهي ۽ سيڪيورٽي جا سخت قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته عوام پنهنجي حق راءِ دهي استعمال ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي ضرور اچن. شهر جي سمورن پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ليويز ۽ ايف سي اهلڪار حفاظت لاءِ مقرر آهن.

مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں