وزيراعظم ڪينيا جي صدر پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد تي سندس ٿورا مڃيا

image

اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا جي صدر ويلمز روتو پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جي پيغام تي سندس ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيا جي وچ ۾ دوستاڻا ۽ گرمجوش لاڳاپا آهن. اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون.

مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں