صدر آصف علي زرداري پاران شاهه نوراني روڊ تي زائرين جي گاڏي کي پيش ايندڙ حادثي تي افسوس جو اظهار

image

ڪراچي – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شاهه نوراني روڊ تي زائرين جي گاڏي کي پيش ايندڙ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس پاران جاري پڌرائي موجب صدر حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون زائرين جي پونئيرن سان گڏ آهن. صدر حادثي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں