اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جي ملاقات دوران نگران وزيراعظم جي نال?? تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملي تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻ?? جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آئين جي روشني ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري جي لاءِ مشاورت جي حوالي سان ملاقات جي دعوت ڏني هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نال?? تي مشاورت جو پهريون دور خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معامل?? تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻ?? جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.