اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه ملڪ ۾ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن جي فروغ سان ملڪي معيشت مس??حڪم ٿيندي، شموليتي سيڙپڪاري ۾ سمورن شعبن خاص طور تي عورتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪرپشن کان بچاءُ، ڪارڪردگي ۾ اضافي ۽ نظم ۽ ضبط تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ کي ترقي جي راهه ??ي گامزن ڪري سگهجي ٿو، موجوده حڪومت روزگار ۽ تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي ??هي، انهن شعبن ۾ اڻبرابري ختم ڪرڻ جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن شموليتي سيڙپڪاري پاڪستان ايڪسپو 2020ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.