اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح هدايت ڪئي ته هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي ڪا کوٽ نه آهي ان لاءِ نوان ڪنيڪشنز ڏيڻ ۾ دير جو ڪو جواز نه آهي، حڪومت جو مقصد ماڻهن جي لاءِ آسانيون ?? سهولتون مهيا ڪرڻ آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ان جي لاءِ ملڪي ڪار??با??ي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي راهه ۾ رڪاوٽن ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيون وڃن. هو هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.