اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، افغانس??ان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سط??ي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن ناتن جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي صدر طور تاجڪس??ان بهترين قيادت جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت جو خواهشمند آهي. شاه محمود قريشي تاجڪ هم منصب کي پاڪس??ان جي نقطئه نظر کان آگاه ڪندي چيو ته اسان افغانس??ان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. شاه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته افغانس??ان جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري جو مقصد افغانس??ان جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عملي جوڙڻ آهي. تاجڪس??ان جي پرڏيهي وزير علائقائي سط?? تي افغانس??ان جي صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ شاه محمود قريشي جي تجويزن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.