اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، ان جي جلد تشخيص ۽ علاج بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪر?? جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته مرض بابت مڪمل آگاهي ۽ وقت سر علاج سان قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن اهڙن خيالن جو اظ??ار ڪراچي ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي مهم بابت اجلاس جي وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صحت وارن ص??با??ي وزيرن، پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي، بلوچستان ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽرين ۽ پمز ۽ شفا انٽرنيشنل اسپتال جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظ??ار ڪيو ته تعليم ۽ آگاهي جي گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح اٽڪل 50 سيڪڙو آهي جيڪا ڪافي ڳڻتي جوڳي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زو?? ڏنو ته عورتون ڊاڪٽرن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان عورت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ باقاعده سيشن منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن ان مرض بابت آگاهي پيدا ٿئي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز بابت ڊيٽا گڏ ڪر?? جي لاءِ مرڪزي ۽ ص??با??ي سطح تي رجسٽري قائم ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زو?? ڏنو ته جيئن حڪومت بيماري کي منهن ڏي?? جي لاءِ مناسب قدم کڻي سگهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪ جي عورتن کي غذائيت جي کوٽ سميت صحت جا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن جن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرن جي ضرورت آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته هن سال به ميڊيا اهڙي طرح جو فعال ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ماڻهن کي ان بيماري بابت مڪمل طور تي آگاهه ڪري سگهجي. ص??با??ي حڪومتن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ علاج جي لاءِ پنهنجي صوبن ۾ دستياب سهولتن بابت صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪر?? جي لاءِ صحت ۽ نگهداشت جي نظام کي بهتر بڻائ?? جي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون.